تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

مصطفيٰ عامر اغوا ۽ قتل ڪيس جي اسپيشل پراسيڪيوٽر ذوالفقار آرائين، ڊي آءِ جي سي آءِ اي، ايس ايس پي ۽ جاچ آفيسر کي خط لکي ڇڏيو

- Advertisement -
مصطفيٰ عامر اغوا ۽ قتل ڪيس جي اسپيشل پراسيڪيوٽر ذوالفقار آرائين، ڊي آءِ جي سي آءِ اي، ايس ايس پي ۽ جاچ آفيسر کي خط لکي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته هن هدايتن لاءِ پراسيڪيوشن طرفان خط لکيو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته جوابدار ارمغان جي پيءُ ۽ مقتول جي ماءُ کي جاچ ۾ شامل ڪيو وڃي، جوابدار ارمغان ۽ سندس ساٿي دهشتگردي يا دهشتگرد گروپن جي مالي مدد ۾ ملوث ٿي سگهن ٿا. خط ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته جوابدار ارمغان مني لانڊرنگ ۾ ملوث ۽ تعلق ملڪ دشمن عنصرن سان ٿي سگهي ٿو. اسپيشل پراسيڪيوٽر ذوالفقار آرائين خط ۾ لکيو آهي ته حقيقت تائين پهچڻ لاءِ نيم فوجي قوتن ۽ حساس ادارن کان مدد وٺڻ گهرجي، جوابدار ارمغان جو تعلق عالمي منشيات وڪرو ڪندڙن سان به ٿي سگهي ٿو، جاچ ۾ جوابدار ۽ مقتول جي دوستن کي به شامل ڪيو وڃي. خط موجب، ٻنهي جا دوست آهن، مرد ۽ عورتون، ڇوڪرا ۽ ڇوڪريون سڀني کان پڇا ڳاڇا ڪئي وڃي جيڪي جوابدار ۽ مقتول سان لاڳاپيل آهن، جوابدار ارمغان جي ملڪيت، ڪاروبار، بينڪ اڪائونٽس ۽ سفر جي تاريخ حاصل ڪرڻ گهرجي. خط ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته مصطفيٰ عامر جي ڪاروبار، ملڪيت ۽ سفر جي تاريخ حاصل ڪئي وڃي، جنهن موبائل فون تان ڀنگ جي ڪال ڪئي وئي هئي ۽ جنهن موبائل فون تي ڪال آئي هئي، ٻنهي جو فارنزڪ معائنو ڪيو وڃي. اسپيشل پراسيڪيوٽر خط چيو ته جوابدار جي گهر مان هٿ آيل هٿيارن ۽ گولين سان ڀريل بيگ کي ڪيس پراپرٽي بڻايو وڃي، ڪيس پراپرٽي ۾ 64 ليپ ٽاپ، 3 واڪي ٽاڪي سيٽ، ڊجيٽل محفوظ لاڪر ۽ ٻه سڃاڻپ ڪارڊ به جاچ ۾ شامل ڪيا وڃن. ذوالفقار آرائين خط ۾ لکيو آهي ته سڀني هٿ آيل ٿيل شين جو فارنزڪ معائنو ڪيو وڃي،  جوابدار هٿيار ڪٿان خريد ڪيا؟، خريداري جي معلومات ڪنهن کان حاصل ڪرڻ گهرجي؟. اسپيشل پراسيڪيوٽر ذوالفقار آرائين چيو ته ڊي ايڇ اي سيڪيورٽي انچارج ۽ مقامي انٽيليجنس ايجنسين جي آفيسرن جي مدد وٺڻ گهرجي، مقامي پوليس کان پڇا ڪئي وڃي ته اهي ايتري عرصي کان اکيون ڇو بند ڪري ويٺا هئا. اسپيشل پراسيڪيوٽر خط ۾ موقف اختيار ڪيو آهي ته جوابدار جي گهر ۽ ڀرپاسي جي سي سي ٽي وي فوٽيج جو فارنزڪ معائنو ڪيو وڃي، ڪيس جي حوالي سان سوشل ميڊيا، پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ ميڊيا جي مواد کي ڪيس پراپرٽي بڻايو وڃي. لکيل خط موجب، مصطفيٰ عامر جو ارمغان جي گهر اچڻ کانپوءِ ڪار جو بلوچستان ڏانهن وڃڻ واري واقعي سميت سڀني هنڌن جون تصويرون ڪڍيون وڃن، جوابدار جي مالڪن کان به پڇا ڳاڇا ڪئي وڃي، ڪرائي جو معاهدو ڏسڻ گهرجي، بنگلو ڪيئن ڪرائي تي ڏنو ويو؟. خط موجب، رهائشي علائقي ۾ واپري سرگرميون ڇو ٿي رهيون آهن؟.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
27.8 ° C
27.8 °
27.8 °
3 %
9kmh
0 %
آچر
29 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °
اربع
30 °
خميس
31 °

تازه ترين خبرون