تازه ترين

معاشي بحالي لاءِ ضروري آهي ته ماضيءَ واريون غلطيون نه ورجايون وڃن: شهباز شريف

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

اڳوڻي وزيراعظم ۽ ن ليگ جي صدر شهبازشريف چيو آهي ته معاشي بحالي لاءِ ضروري آهي ته ماضيءَ واريون غلطيون نه ورجايون وڃن، قوم نوازشريف جي قيادت ۾ ن ليگ کي موقعو ڏي، هو مهانگائي کان ڇوٽڪاري ۽ ترقي جي ضمانت ڏي ٿو.

شهبازشريف سان لاهور ۽ پنجاب ٽريڊرز ايوسيشن جي عهديدارن ملاقات ڪئي، جنهن ۾ ملڪ جي مجموعي صورتحال ۽ معيشت بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ان موقعي تي ڳالهائيندي شهبازش ريف چيو ته نوازشريف معاشي ڏکيائين جي حل واري ايجنڊا ڏيندو، ن ليگ سدائين سياست تي رياست کي ترجيح ڏني آهي، نوازشريف جي ايجنڊا قوم جو اتحاد ۽ معاشي بحالي آهي.

هن چيو ته معاشي بحالي ۽ مهانگائي کان ڇوٽڪاري لاءِ ضروري آهي ته ماضيءَ واريون غلطيون نه ورجايون وڃن، قوم جو اتحاد، سياسي تسلسل ۽ درست پاليسين سان ئي معاشي ترقي يقيني بڻائي سگهجي ٿي.

شهبازشريف چيو ته قوم نوازشريف جي قيادت ۾ ن ليگ کي ذميواري ڏي، هو مهانگائي کان ڇوٽڪاري ۽ ترقي جي ضمانت ڏي ٿو..

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
33.1 ° C
33.1 °
33.1 °
12 %
4.6kmh
76 %
آچر
32 °
سُومر
34 °
اڱارو
33 °
اربع
33 °
خميس
34 °

تازه ترين خبرون