تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

معاشي مسئلن جي حل لاءِ قدم کنيا ۽ ڏيهي توڙي پرڏيهي وعدا  پورا ڪيا ويندا: انوارالحق ڪاڪڙ

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته معاشي مسئلن جي حل لاءِ قدم کنيا ۽ ڏيهي توڙي پرڏيهي وعدا  پورا ڪيا ويندا، رياست اقليتن کي نقصان پهچائيندڙ عنصرن سان گڏ ناهي، اڪثريت جو ڪم اقليت جو تحفظ ڪرڻ اهي، قانون تي جي حڪمرانيءَ تي ڪابه سوديبازي نه ٿيندي.

نگران  وفاقي ڪابينا جي پهرين اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته پاڪستان زرعي ۽ قدرتي وسيلن سان مالامال آهي، هو قائداعظم ۽ علامه اقبال جي ويزن تي عمل ڪري پاڪستان جي ترقي ۾ ڪردار ادا ڪندا.

هن چيوته سندس ٽيم تجربي ڪار ۽ بهترين آهي، جنهن تي کيس فخر آهي، يقين آهي ته الله پاڪ کين سرخرو ڪندو، سمورن وزيرن مان اميد آهي ته اهي پنهنجون ذميواريون ڀرپور نموني ادا ڪندا.

نگران وزيراعظم چيو ته رياست اقليتن کي نقصان پهچائيندڙ عنصرن سان گڏ ناهي، اڪثريت جو ڪم اقليت جو تحفظ ڪرڻ اهي، قانون تي جي حڪمرانيءَ تي ڪابه سوديبازي نه ٿيندي.

انوارالحق ڪاڪڙ چيو ته ڏيهي ۽ پرڏيهي سطح تي ڪيل واعدا پورا ڪيا ويندا ۽ معاشي مسئلن جي حل لاءِ بهترين قدم کنيا ويندا.

نگران وزيراعظم چيو ته ملڪ ۾ ماحول ورهايل آهي، کين سياست ۽ قانون ۾ فرق ڪرڻو پوندو، انارڪي ٿي ته سيڪيولر ۽ مذهبي نظام نه هلي سگهندو، پاڪستان سمورن مذهبن ۽ نسلن جو ملڪ آهي، حق نالي تي نه پر ڪردار ۽ رويي تي ڏنا ويندا.

انوار الحق ڪاڪڙ 9 مئي تي پي ٽي آءِ چيئرمين جي گرفتاريءَ بعد پيش آيل واقعن تي مايوسيءَ جو به اظهار ڪيو

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
21.6 ° C
21.6 °
21.6 °
23 %
1.6kmh
100 %
اڱارو
22 °
اربع
29 °
خميس
28 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
30 °

تازه ترين خبرون