- Advertisement -
ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف چيو آهي ته معاهدي جي ڀڃڪڙي ۽ غير ضروري مطالبن جو سخت جواب ڏنو ويندو، واعدن جي ڀڃڪڙي جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو، سپريم ليڊر معاهدي جي شقن ۽ شرطن تي عمل يقيني بڻائڻ جو ٽاسڪ ڏنو آهي، دشمن کي جنگ دوران هڪ ڀيرو سبق سيکاريو ويو آهي، ٻيهر جنگ ڪئي وئي ته ماضي کان وڌيڪ سخت جواب ڏنو ويندو.
سماجي رابطن واري سائيٽ ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ محمد باقر قاليباف چيو ته معاهدي جي ڀڃڪڙي ۽ غير ضروري مطالبن جو سخت جواب ڏنو ويندو، هو واعدن جي ڀڃڪڙي جو ڀرپور ردعمل ڏيندا.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن مخالف ڌر طرفان بدنيتي، معاهدي جي ڀڃڪڙي يا حد کان وڌيڪ مطالبا سامهون آيا ته هو دشمن کي سخت ۽ فيصلائتو جواب ڏيڻ ۾ دير نه ڪندا.
ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف چيو ته دشمن کي جنگ دوران هڪ ڀيرو سبق سيکاريو ويو آهي، ٻيهر جنگ ڪئي وئي ته ماضي کان وڌيڪ سخت جواب ڏنو ويندو.- Advertisement -
