تازه ترين

ملائيشن وزيراعظم انور ابراهيم کي نشانِ پاڪستان سان نوازيو ويو

- Advertisement -
ملائيشن وزيراعظم انور ابراهيم کي نشانِ پاڪستان سان نوازيو ويو. ملائيشيا جي وزيراعظم کي نشان پاڪستان ڏيڻ واري تقريب ايوان صدر اسلام آباد ۾ ٿي، جنهن ۾ وزيراعظم شهبازشريف، وفاقي وزيرن ۽ اعليٰ سول توڙي فوجي عملدارن  شرڪت ڪئي. تقريب ۾ وڏو وزير سيد مراد علي شاهه، بلوچستان جي وڏي وزير سرفراز بگٽي ۽ پنجاب جو گورنر به شريڪ ٿيا. صدر آصف علي زرداريءَ ملائيشين وزيراعظم کي نشان پاڪستان سان نوازيو. ان کان اڳ ملائيشن وزيراعظم انور ابراهيم صدر آصف علي زرادري سان ملاقات پڻ ڪئي، جنهن ۾ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق، پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري به شرڪت ڪئي. ملاقات دوران ٻه طرفن لاڳاپن سميت مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي ڳالهائيندي صدر چيو ته پاڪستان ملائيشيا سان لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو، هو ملائيشيا سان مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ پرعزم آهن. آصف علي زرداريءَ، غزا جي صورتحال تي ڳڻتيءَ  جو اظهار ڪندي چيو ته عالمي برادري اسرائيل کي فلسطيني عوام جي نسل ڪشي ۽ ظلم کان روڪڻ لاءِ قدم کڻي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
broken clouds
25.5 ° C
25.5 °
25.5 °
33 %
1.3kmh
54 %
جمعو
25 °
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون