تازه ترين

جيڪب آباد ۾ ٽيڪنيڪل ڪاليج جي ليڪچرار گهر اندر رسو پکي ۾ وجهي آپگهات ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
جيڪب آباد ۾ ٽيڪنيڪل ڪاليج جي ليڪچرار گهر اندر رسو پکي ۾ وجهي آپگهات ڪري ڇڏيو، ليڪچرار پاران وياجين کان تنگ اچي آپگهات ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ايئرپورٽ ٿاڻي جي حد ڊکڻ محلا ۾ انور علي پنهيار گهر اندر پکي ۾ رسو ٻڌي آپگهات ڪيو. اطلاع تي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي لاش پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو لاش ضروري ڪارروائي لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب ٽيڪنيڪل ڪاليج جي ليڪچرار قرضائين کان تنگ ٿي آپگهات ڪيو آهي. هوڏانهن آپگهات ڪندڙ ليڪچرار جو ايس ايس ڏانهن لکيل خط به سامهون اچي ويو آهي. خط ۾ انور علي لکيو ته ايس ايس پي صاحب سندس ٻارن جي پارت اٿوَ، وياجي يونس عرف لالو  ۽ ممتاز عرف عدنان وياج جي پيسن لاءِ تنگ ڪندا هئا. هن لکيو ته وياجين سندس زندگي عذاب بڻائي ڇڏي، آفيس ۾ تذليل سان گڏ گهر تي حملا به ڪيا ويا. پوليس الزام هيٺ آيل وياجين کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو  آهي. پوليس موجب آپگهات ڪندڙ انور پنهيار ڏانهن وياجين جا 10 لک 35 هزار رپيا هئا، جنهن ڪري هو کيس تنگ ڪندا هئا، پريشانيءَ سبب ليڪچرار آپگهات ڪيو آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
27.8 ° C
27.8 °
27.8 °
26 %
4.6kmh
23 %
جمعو
27 °
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون