تازه ترين
امريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي انتظاميا پاران ڪانگريس ۾ ووٽنگ کان بچڻ لاءِ ايران سان عارضي جنگبندي کي  ڇڪت... امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي سفارتڪاري جو رستو کليل رکڻ لاءِ تيار آهن پر امريڪا کي ڌمڪي وارو رويو تبديل ڪرڻو پوندو: عباس عراقچي امريڪا قطر، ڪويت، گڏيل عرب امارتن ۽ اسرائيل کي وڌيڪ هٿيار ۽ فوجي سامان وڪرو ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي

ملائيشيا پاران 10 سال اڳ گم ٿيل جهاز جي ٻيهر ڳولا شروع ڪرڻ جو اعلان

- Advertisement -
ملائيشيا پاران 10 سال اڳ گم ٿيل جهاز جي ٻيهر ڳولا شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. جهاز 8 مارچ 2014 تي ڪوالالمپور کان بيجنگ لاءِ روانو ٿيو ۽ پراسرار نموني غائب ٿي ويو. ملائيشيا جي ٽرانسپورٽ واري وزير چيو آهي ته ملائيشيا ايئر لائنز جي اڏام ايم ايڇ 370 جي ملبي جي ڳولا ٻيهر شروع ڪئي ويندي. پرڏيهي خابرو اداري رائٽرز موجب اڏام ايم ايڇ 370 بوئنگ 777 جهاز آهي، جنهن ۾ 227 مسافر ۽ 12 عملو سوار هئا، جهاز 8 مارچ 2014 تي ڪوالالمپور کان بيجنگ لاءِ روانو ٿيو هو ۽ پراسرار طور تي غائب ٿي ويو هو. سيٽلائيٽ ڊيٽا موجب جهاز آخري ڀيرو پرٿ، آسٽريليا جي اولهه ۾ هندي سمنڊ جي مٿان ڏٺو ويو هو. رائٽرز موجب ملائيشيا جي ٽرانسپورٽ واري وزير انٿوني لوڪ هڪ ڪانفرنس ۾ ٻڌايو ته اوشن انفنيٽي سان هڪ معاهدو ٿي ويو آهي ته هو گم ٿيل جهاز جي ڳولا کي ٻيهر شروع ڪري جيڪڏهن جهاز جو ملبو مليو ته کين 70 ملين ڊالر ڏنا ويندا. اڏام ۾ 150 کان وڌيڪ چيني مسافر سوار هئا، جن جي مائٽن ملائيشيا ايئرلائنز ۽ بوئنگ جهاز جي انجڻ ٺاهيندڙ ڪمپني رولز روائيس ۽ اليانز انشورنس گروپ کان معاوضو طلب ڪيو آهي. ملائيشيا ايئر لائنز جي اڏام ايم ايڇ 370 جي ڳولا جو ڪم هوائي تاريخ جي پاڻيءَ هيٺ سڀ کان وڏو آپريشن هو ۽ جنهن ۾ آسٽريليا، ملائيشيا ۽ چين شامل هئا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.1 ° C
23.1 °
23.1 °
14 %
7.2kmh
0 %
ڇنڇر
23 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °
اربع
30 °

تازه ترين خبرون