ملتان ٽيسٽ ۾ انگلينڊ، پاڪستان کي هڪ اننگز ۽ 47 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي

- Advertisement -
ملتان ٽيسٽ ۾ انگلينڊ، پاڪستان کي هڪ اننگز ۽ 47 رنسن تان شڪست ڏئي ڇڏي. ملتان جي انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم کيڏيل ميچ ۾ پاڪستان پنهنجي ٻئي اڻپوري اننگز جي شروعات ڇهن وڪيٽن جي نقصان تي 152 رنسن تان ڪئي ته سلمان علي آغا ۽ عامر جمال 27 رنسن تي وڪيٽ تي موجود هئا. قومي ڪرڪيٽ ٽيم ٻئي اننگز ۾ رڳو 220 رنسن تي ڍير ٿي وئي، سلمان آغا 63 ۽ عامر جمال 55 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. سعودي شڪيل 29، صائم ايوب 25، ڪپتان شان مسعود 11، محمد رضوان 10 ۽ بابر اعظم پنج رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا، جڏهن ته اوپنر عبدالله شفيق بنا ڪنهن رنس ٺاهڻ جي آئوٽ ٿي ويو ۽ بخار سبب ابرار احمد بيٽنگ لاءِ نه آيو. قومي ٽيم پهرين اننگز ۾ شان مسعود، عبدالله شفيق ۽ سلمان علي آغا جي سينچرين سبب 556 رنسون ٺاهيون هيون، جڏهن ته جواب ۾ انگلينڊ جي ٽيم پهرين اننگز ۾ هيري بروڪ جي ٽرپل سينچري ۽ جوروٽ جي ڊبل سينچري سان ستن وڪيٽن جي نقصان 823 رنسون ٺاهي اننگز ڊڪليئر ڪئي هئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
6 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
23.9 ° C
23.9 °
23.9 °
43%
2.5m/s
7%
جمعو
25 °
ڇنڇر
28 °
آچر
30 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °

تازه ترين خبرون