تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ملير جيل مان اغوا ۽ زيادتي ڪيس ۾ قيد جوابدار محمد جاويد فرار

- Advertisement -
ملير جيل مان اغوا ۽ زيادتي جي ڪيس ۾ قيد جوابدار محمد جاويد فرار ٿي ويو، شاهه لطيف ٿاڻي تي اسسٽنٽ جيل سپرينٽينڊنٽ سميت 8 پوليس اهلڪارن خلاف ڪيس داخل ڪري ستن اهلڪارن کي گرفتار ڪيو ويو آهي. رات دير سان ملير جيل مان اغوا ۽ زيادتي جي ڪيس ۾ قيد جوابدار محمد جاويد فرار ٿيڻ بعد ڊي آءِ جي جيل محمد حسن سهتو جيل پهتو، ڊي آءِ جيل، ڊيوٽي تي موجود ستن اهلڪارن کي فوري طور معطل ڪندي جيل سپرينٽينڊنٽ سيد ارشد شاهه کي واقعي جو ڪيس داخل ڪرائڻ جو حڪم ڏنو. جيل سپرينٽينڊنٽ ارشد شاهه جي هدايت تي جيل اهلڪار ذوالفقار پيرزادو جي فرياد تي اسسٽنٽ جيل سپرينٽينڊنٽ سميت 8 اهلڪارن خلاف شاهه لطيف ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو. پوليس ستن اهلڪارن کي فوري طور گرفتار ڪري ورتو. جيل سپرينٽينڊنٽ سيد ارشد شاهه جو چوڻ آهي ته قيدي محمد جاويد واش روم جي دري ڪٽي رسي جي مدد سان جيل جي ڀٽ ٽَپِي فرار ٿي ويو. سندس چوڻ هو ته غفلت ۾ ملوث اهلڪارن خلاف قانون موجب ڪارروائي ڪئي پئي وڃي. جيل سپرينٽينڊنٽ ارشد شاهه چيو ته فرار ٿيل قيدي محمد جاويد جي ڳولا لاءِ پوليس ڇاپا هڻي رهي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
22.2 ° C
22.2 °
22.2 °
24 %
2.7kmh
0 %
اربع
22 °
خميس
28 °
جمعو
30 °
ڇنڇر
30 °
آچر
29 °

تازه ترين خبرون