- Advertisement -
ملير جي علائقي قائدآباد پوليس چوري ٿيل ۽ غيرقانوني اسڪريپ جي خريد ۽ وڪري ۾ ملوث انتهائي گهربل 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.
قائدآباد پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي قائدآباد ٿاڻي جي حد مان اسڪريپ جي غيرقانوني خريد ۽ وڪري ۾ ملوث انتهائي گهربل 4 جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
پوليس موجب گرفتار جوابدارن جي سڃاڻپ ياسر، احتشام، دوست خان ۽ سلمان جي نالي سان ٿي آهي.
پوليس موجب گرفتار جوابدارن جي قبضي مان موٽرسائيڪل جي چوري ٿيل پريس چيچس، اسپيئر پارٽس، 7 واٽر پمپس ۽ مختلف چوري ٿيل اسڪريپ هٿ ڪيو ويو آهي.
پوليس موجب گرفتار جوابدارن علائقي ۾ چوري ٿيل اسڪريم جي خريد ۽ وڪري ۾ ملوث هجڻ جو به اعتراف ڪيو آهي.
پوليس موجب گرفتار جوابدارن جاچ دوران ٻڌايو آهي ته هو شهر جي مختلف علائقن مان چوري ٿيل ۽ ڦر ٿيل موٽرسائيڪلون خريد ڪري انهن جا پارٽس کولي وڪڻندا هئا.
پوليس جو چوڻ آهي ته گرفتار جوابدارن جو وڌيڪ ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪري رهيا آهن، جوابدارن خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.- Advertisement -
