ملير : مرغي خانه پل وٽ فائرنگ ۾ هڪ ڦورو مارجي ويو

- Advertisement -
ملير جي علائقي قائدآباد ۾ مبينا مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو ۽ 2 شهري زخمي ٿي پيا آهن. پوليس جو چوڻ آهي ته قائدآباد واري علائقي مرغي خانه ۾ ڦورو شهرين کان ڦرلٽ ڪري رهيا هئا ته  پوليس پهچي وئي. پوليس موجب، ڦورن ۽ پوليس ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڏوهاري انور پٽ برڪت ڪلهوڙو مارجي ويو، 2 شهري به زخمي ٿي پيا. پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوهاري جو لاش ۽ زخمي شهرين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي. پوليس موجب، مارجي ويل ڏوهاري انور ڪلهوڙو اڳ به لوڻي ڪوٽ ۽ سائيٽ سپر هاءِ وي جي حدن ۾ گرفتار ٿي چڪو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل ڏوهاري جو ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
15.7 ° C
15.7 °
15.7 °
28%
0.9m/s
0%
اربع
16 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون