- Advertisement -
ملير پوليس مبينا مقابلي ۾ ٻن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪري هٿيار، موٽرسائيڪل ۽ ٻيو سامان هٿ ڪري ورتو.
ايس ايس پي ملير ڪاشف جو چوڻ آهي ته ملير سٽي ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ۽ ڏوهارين ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، ٻن جوابدارن کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو.
هن چيو ته گرفتار جوابدارن جي سڪندر ۽ منير طور سڃاڻپ ٿي، جوابدارن وٽان 2 پسٽل، گوليون، هڪ موٽرسائيڪل، 8 موبائل فون ۽ روڪ رقم هٿ ڪئي وئي آهي.
ايس ايس پي ملير چيو ته جوابدار مگسي روڊ تي شهرين کان ڦر لٽ ڪري رهيا هئا، زخمي حالت ۾ گرفتار جوابدارن کي علاج لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي.
ايس ايس پي ملير ڪاشف موجب، ملير سٽي پوليس طرفان گرفتار جوابدارن جو وڌيڪ ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيو پيو وڃي، پوليس پاران قانوني ڪارروائي ۽ وڌيڪ جاچ جو عمل جاري آهي.- Advertisement -
