ملير ۾ فيڪٽري اندر بوائلر ڦاٽڻ سبب 2 ڄڻا فوت ۽ 4 زخمي

- Advertisement -
ملير ۾ فيڪٽري اندر بوائلر ڦاٽڻ سبب 2 ڄڻا فوت ۽ 4 زخمي ٿي پيا آهن. پورٽ قاسم ويجهو گيهه جي فيڪٽري ۾ بوائلر ڦاٽي پيو. بوائلر ڦاٽڻ سبب 32 ورهين جو ناصر پٺاڻ ۽ 35 ورهين جو ڪامران ٿڏي تي ئي فوت ٿي ويا، جڏهن ته ٽيهه ورهين جي تنوير ۽ چاليهه ورهين جي خالد سميت چار ڄڻا زخمي ٿي پيا. اطلاع ملڻ بعد پوليس ۽ امدادي ٽيمن واقعي واري هنڌ پهچي فوتين جا لاش ۽ زخمين کي کڻائي جناح اسپتال پهچايو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. ڪامران ۽ ناصر پٺاڻ جا لاش گهرن ۾ پهچڻ تي ڪهرام مچي ويو. پوليس جو چوڻ آهي ته گيهه جي فيڪٽري اندر بوائلر ڦاٽڻ سبب 2 ڄڻا فوت ۽ 4 زخمي ٿي پيا آهن، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23 ° C
23 °
23 °
46%
1.6m/s
0%
آچر
23 °
سُومر
30 °
اڱارو
31 °
اربع
33 °
خميس
29 °

تازه ترين خبرون