- Advertisement -
ملڪي تاريخ جي سڀ کان وڏين عام چونڊن لاءِ پولنگ جو سلسلو جاري آهي، پيپلز پارٽي ۽ مسلم ليگ ن ۾ چوٽيءَ جو مقابلو ٿي رهيو آهي.
قومي ۽ صوبائي اسيمبلين جي 855 تڪن لاءِ 17 هزار 816 اميدوار آمهون سامهون آهن.
12 ڪروڙ 85 لک 85 هزار 760 ووٽر پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري رهيا آهن.
16 هزار 766 پولنگ اسٽيشنون نهايت حساس ۽ 29 هزار 985 حساس قرار ڏنيون ويون آهن.
نهايت حساس قرار ڏنل پولنگ اسٽيشنن تي پاڪ فوج جي جوانن کي مقرر ڪيو ويو آهي.
امن امان برقرار رکڻ لاءِ پرزائيڊنگ آفيسرن کي مئجسٽريٽي پڻ ڏنا ويا آهن.
سڪيورٽي لاءِ پوليس پهرين، پيرا ملٽري فورسز ٻئي درجي لاءِ مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته پاڪ فوج ڪوئڪ رسپانس فورس طور ذميواريون ادا ڪري رهي آهي.
چونڊ لاءِ پولنگ جو عمل بنا ڪنهن وقفي جي شام پنجين وڳي تائين جاري رهندو.
اسلام آباد، ڪراچي، لاهور، پشاور، ڪوئيٽا ۾ پولنگ جو عمل شروع ٿي ويو آهي.
حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻو، شهيد بينظير ۽ ميرپور خاص ۾ به پولنگ جاري آهي.
ان کانسواءِ ڄامشورو، دادو، ٽنڊو محمد خان، بدين، ٺٽو، سجاول، ٿرپارڪر، عمرڪوٽ، ٽنڊو الهيار، مٽياري، سانگھڙ، نوشهرو فيروز ۽ خيرپور ۾ ووٽرز پنهنجا ووٽ ڪاسٽ ڪري رهيا آهن.
گھوٽڪي، شڪارپور، ڪشمور ڪنڌڪوٽ، جيڪب آباد، قمبر شهداد ڪوٽ ۽ ٽندو الهيار ۾ صوبائي ۽ قومي اسيمبلي جي تڪن تي پولنگ جو عمل جاري آهي.
بدين جي ضلعي ڪائونسل آفيس ۾ قائم پولنگ اسٽيشن ۾ عملي کي داخل ٿيڻ جي اجازت نه ڏني وئي.
پولنگ اسٽيشن 36 ۽ 122 جو عملو سامان سميت عمارت کان ٻاهر بيٺل آهي.
پرزائيڊنگ آفيسر جو چوڻ آهي ته ڊي آر او ۽ آر او کي اطلاع ڏنو آهي، پر ڪو به تدارڪ ناهي ٿيو.
پولنگ اسٽيشن 36 ۽ 122 تي پولنگ جو عمل شروع نه ٿيڻ خلاف ووٽرز پاران احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
تنگواڻي هاءِ اسڪول ۾ قائم پولنگ اسٽيشن ۾ عملي ۽ سهولتن جي کوٽ سبب پولنگ جو عمل شروع نه ٿي سگھيو آهي.
ووٽ ڏيڻ لاءِ اصل سڃاڻپ ڪارڊ لازمي قرار ڏنو ويو آهي ان سان گڏ مدو ختم ٿيل سڃاڻپ ڪارڊ تي به ووٽ ڏئي سگھبو.
حڪومت پاران دهشتگرديءَ جي خدشي سبب موبائيل فون ۽ انٽرنيٽ سروس بند ڪئي وئي آهي.
نگران گهرو وزير گوهر اعجاز خان جو چوڻ آهي ته دهشتگردي جي تازن واقعن جي نتيجي ۾ قيمتي جانيون ضايع ٿيون آهن، امن امان قائم رکڻ ۽ امڪاني خطرن کي منهن ڏيڻ لاءِ حفاظتي قدم کڻڻ ضروري آهي.
ڪراچي، لاهور، اسلام آباد، راولپنڊي، حيدرآباد ۽ ٻين شهرن ۾ موبائل فون سروس بند ڪئي وئي آهي.
ترجمان اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته انٽرنيٽ هلي يا نه، پر اليڪشن مينيجميٽ سسٽم ڪم ڪندو رهندو.- Advertisement -
