تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ملڪي تاريخ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کان وڌيڪ ڪنهن کي رليف نه مليو آهي: صوبائي وزير شرجيل ميمڻ

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

اطلاعات واري صوبائي وزير شرجيل ميمڻ چيو آهي ته ملڪي تاريخ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کان وڌيڪ ڪنهن کي رليف نه مليو آهي، ڪو به شخص قانون کان مٿڀرو نه هئڻ گهرجي،  سنڌ مڪمل طور پرامن ۽ ڪٿي احتجاج نه ڪيو پيو وڃي،  ڪنهن قانون ٽوڙيو يا ڀڃ ڊاهه ڪئي ته قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي، پي ٽي آءِ چيئرمين پاڻ کي بي ڏوهي سمجهي ٿو ته عدالت وڃي، شاهه محمود قريشي جي پراڻي خواهش پوري ٿي.

ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته پ پ ڪنهن جي گرفتاريءَ  تي جشن ناهي ملهائيندي، پر ڪو به اهو نه سمجهي ٿه قانون هٿن ۾ کڻندو.

سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ هاڻي رڳو سوشل ميڊيا جي پارٽي بڻجي وئي آهي، سندن احتجاج به سوشل ميڊيا تي آهي.

هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين پنهنجي دور ۾ مخالفن کي بدترين انتقام جو نشانو بڻايو، فريال ٽالپر کي عيد جي رات اسپتال مان گرفتار ڪيو ويو، منجهن اخلاقيات آهي، هو ڪنهن جي  ڀيڻ يا نياڻيءَ کي گرفتار نه ڪندا.

شرجيل ميمڻ چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پي ٽي آءِ چيئرمين کان وڌيڪ ڪنهن کي رليف نه مليو آهي، ڪو به شخص قانون کان مٿڀرو نه هئڻ گهرجي.

هن چيو ته اسرائيل ۽ ڀارت کان فنڊنگ باوجود کيس ڪجهه نه ٿيو، پوليس گرفتار ڪرڻ وئي ته ان تي پئٽرول بمن سان حملا ڪيا ويا.

شرجيل ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين پاڻ کي بي ڏوهي سمجهي ٿو ته عدالت وڃي، شاهه محمود قريشي جي پراڻي خواهش پوري ٿي.

هڪ سوال جي جواب ۾ صوبائي وزير چيو ته اتحاد ٺاهڻ سڀني جو حق آهي، مقابلو هوندو ته کٽڻ جو مزو ايندو، هر اليڪشن ۾ پ پ مخالف اتحاد ٺهندا رهيا آهن.

شرجيل ميمڻ چيو ته آدمشماريءَ بابت هو وقت کان اڳ ڪجهه به نه ٿو چئي سگهي، چونڊن  ۾ سڀني کي موقعو ملڻ گهرجي

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
17.7 ° C
17.7 °
17.7 °
51 %
1.4kmh
100 %
آچر
23 °
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
28 °

تازه ترين خبرون