تازه ترين

ملڪي معيشت ۾ ڪردار ادا ڪرڻ سندن معاشرتي ذميواري آهي : آرمي چيف

- Advertisement -
آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو آهي ته ملڪي معيشت ۾ ڪردار ادا ڪرڻ سندن معاشرتي ذميواري آهي، هو گڏجي ملڪ کي ڏکيائين مان ڪڍندا. پاڪستان منرل سمٽ کي خطاب ڪندي آرمي چيف جنرل عاصم منير چيو ته حڪومت سمورن ادارن سان گڏجي ايس آءِ ايف سي قائم ڪيو، جيڪو سمورن ڀائيوارن کي هڪ پليٽ فارم تي آڻي ٿو، جڏهن ته منرل سمٽ ملڪي ۽ پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ آسان ڪاروپبار جا نوان اصول واضح ڪري ٿو. هن چيو ته امن ۽ خوشحالي جي رستي تي هلڻ ئي استحڪام آهي، معدنياتي پراجيڪٽ عوامي ترقي جو رستو آهن. جنرل عاصم منير چيو ته قرآن پاڪ ۾ واضح آهي ته الله انهن جي مدد ڪري ٿو، جيڪي پنهنجي مدد پاڻ ڪن ٿا. آرمي چيف چيو ته ملڪ ۾ برف سان ڍڪيل جبلن کان وٺي ريگستان تائين ڇا ڇا ناهي؟ سامونڊي پٽي کان ميداني علائقن تائين ڌرتيءَ ڇا نه آهي. جنرل عاصم منير چيو ته سندن معاشرتي ذميواري آهي ته هو گڏجي ملڪي معيشت ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪن، اميد نه ڇڏڻ گهرجي. ان موقعي تي آرمي چيف بيرڪ گولڊ جي سي ايِ او ۽ صدر مارڪ برسٽو توڙي سعودي  مائننگ وزير انجنيئر خالد بن صالح ۽ ٻين سيڙپڪارن جا به ٿورا مڃيا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
33.2 ° C
33.2 °
33.2 °
7 %
2.7kmh
4 %
ڇنڇر
33 °
آچر
33 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °
اربع
37 °

تازه ترين خبرون