ملڪ ترقي ۽ خوشحالي جي واٽ تي هلي رهيو آهي : وزيراعظم

- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته ملڪ ترقي ۽ خوشحالي جي واٽ تي هلي رهيو آهي. چين روانگي وقت پنهنجي وڊيو بيان ۾ وزيراعظم شهباز شريف چيو ته  چين هر ڏکي وقت ۾ پاڪستان جو ڀائرن وانگر ساٿ ڏنو آهي. هن چيو ته  چيني سيڙپڪاريءَ سان لوڊشيڊنگ جو مسئلو حل ڪيو ويو، چين دنيا جي ٻئي وڏي معاشي ۽ فوجي طاقت آهي. سندس چوڻ هو ته چيني صدر سان ڳالهيون ڪري نون معاهدن تي صحيحون ڪيون وينديون. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي لازوال رشتي ۾ ٻڌل آهي،  ٻنهي ملڪن ۾ مثالي دوستيءَ جو ڪو به مٽ ناهي. هن چيو ته  پاڪستان ۽ چين پهرين ڏينهن کان هڪ ٻئي مٿان تمام گهڻو اعتماد ڪن ٿا، ٻنهي ملڪن جي دوستي وقت سان گڏ وڌيڪ مضبوط ٿيندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
12.5 ° C
12.5 °
12.5 °
42%
1.2m/s
3%
سُومر
12 °
اڱارو
22 °
اربع
22 °
خميس
23 °
جمعو
21 °

تازه ترين خبرون