- Advertisement -
ملڪ جي مختلف علائقن ۾ طوفاني برساتن دوران حادثن ۽ واقعن ۾11 ڄڻا فوت ٿي ويا.
ڪوهاٽ ۾ برسات جو پاڻي گهر ۾ داخل ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورتن ۽ ٻارڙن سميت 11 ڄڻا فوت ٿي ويا.
پشاور، صوابي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ برسات سبب هيٺين علائقن ۾ پاڻي بيهجي وڃڻ سبب فصلن کي نقصان پهتو، جڏهن ته پيسڪو جا ڪيترائي فيڊر ٽرپ ٿي ويا.
موسميات کاتي پاران ڪراچي سميت سنڌ جي مختلف شهرن ۾ برسات جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي.
موسميات کاتي موجب ڪراچي، سکر، ميرپورخاص،لاڙڪاڻو، ٿرپارڪر سميت مختلف شهرن ۾ گجگوڙ سان وسڪارو ٿيندو……….- Advertisement -
