- Advertisement -
ملڪ جي مٿانهين وارن علائقن ۾ تيز برسات سبب سنڌو درياهه ۾ پاڻي وهڪرن ۾ واڌ جو سلسلو جاري آهي.
گڊو بئراج ۽ سکر بئراج وٽ گذريل 5 ڏينهن کان وچولي ٻوڏ برقرار آهي.
گڊو بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 89 هزار 896 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.
گڊو بئراج وٽ پاڻي جو هيٺانهون وهڪرو 3 لک 85 هزار 621 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.
سکر بئراج وٽ پاڻي جو مٿانهون وهڪرو 3 لک 81 هزار 870 ڪيوسڪ ۽ هيٺانهون وهڪرو 3 لک 62 هزار 820 ڪيوسڪ رڪارڊ ڪيو ويو.
پاڻي ماهرن جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ٿيندڙ برسات سبب پاڻي وهڪرن ۾ اضافو ٿي سگهي ٿو، ملڪ جي اڪثر بئراجن تي هيٺانهين ۽ وچولي ٻوڏ واري صورتحال آهي، جيڪڏهن ته مٿانهين وارن علائقن مان وڌيڪ پاڻي آيو ته ٻوڏ جو خطرو ٿي سگهي ٿو.- Advertisement -
