- Advertisement -
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطا تارڙ چيو آهي ته ملڪ کي ڪمزور ڪرڻ واريون پي ٽي آءِ بانيءَ جون سموريون سازشون ناڪام ٿينديون، پي ٽي آءِ وارا پنهنجن سياسي مفادن خاطر پاڪستان جا مفاد داءُ تي لڳائي ڇڏيندا آهن، هڪ پارٽيءَ آءِ ايم ايف جي آفيس ٻاهران مظاهرا ڪرايا.
اسلام آباد ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عطا تارڙ چيو ته کين امداد نه پر واپار ۽ سيڙپڪاري گهرجي، وزيراعظم جتي به وڃي اها ئي ڳالهه ڪري ٿو.
هن چيو ته هو ڪشتو ٽوڙڻ چاهن ٿا، ايس آءِ ايف سي تحت عالمي سيڙپڪارن لاءِ 7 ڊيسڪون قائم ڪيون وينديون، چين، يو ايَ ايِ، سعودي عرب، قطر، يورپي يونين، آمريڪا ۽ فار ايسٽ کي شامل ڪيو ويو آهي.
هن چيو ته عوام کي جلد معاهدن تي صحيحون ٿيندي نظر اينديون ۽ سيڙپڪاري ايندي.
عطا تارڙ چيو ته وزيراعظم جلد چين جو دورو ڪندو، آءِ ايم ايف وفد به هاڪاري پريس رليز جاري ڪئي آهي، ڪجهه ڏينهن دوران مهانگائي ۾ 17 سيڪڙو گهٽتائي ٿي آهي.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته پي آءِ اي کي تيزيءَ سان خانگايو پيو وڃي، معيشت ٽيڪ آف ڪري رهي آهي، ٻئي طرف پروپيگنڊا جاري آهي، پي ٽي آءِ وارا چوندا آهن ته باني نه ته پاڪستان به نه.
سندس چوڻ هو ته پي ٽي آءِ وارا پنهنجن سياسي مفادن خاطر پاڪستان جا مفاد داءُ تي لڳائي ڇڏيندا آهن، هڪ پارٽيءَ آءِ ايم ايف جي آفيس ٻاهران مظاهرا ڪرايا.
عطا تارڙ چيو ته بار بار آءِ ايم ايف کي چيو ويو ته پاڪستان سان سهڪار نه ڪيو وڃي، جي ايس پي پلس ۽ سائفر بابت پي ٽي آءِ بانيءَ سازش ڪئي.
سڌ سماءَ واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ بانيءَ دوست ملڪن طرفان مليل تحفا وڪرو ڪيا، هاڻي پاڻ کي شيخ مجيب سان ڀيٽي رهيو آهي، ڇا شيخ مجيب به تحفا وٺي وڪرو ڪيا هئا؟
عطا تارڙ چيو ته پي ٽي آءِ باني مظلوميت جو ڍونگ ڪري رهيو آهي، مظلوم اهو هوندو آهي جنهن بليڪ مارڪيٽ ۾ تحفا وڪرو نه ڪيا هجن- Advertisement -
