- Advertisement -
ملڪ ۾ جاري سموگ جي لهر شهرين جي جان نه ڇڏي، دنيا جي آلوده ترين شهرن ۾ اوليائن جو شهر ملتان پهرين ۽ لاهور ٻئي نمبر تي برقرار آهي.
ملتان شهر جي مجموعي ايئر ڪوالٽي انڊيڪس 597 پوائنٽس رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران شهر جي موسم خشڪ ۽ ٿڌي رهندي.
دنيا جي آلوده شهرن ۾ لاهور ٻئي نمبر تي آهي، شهر ۾ سموگ جي سراسري شرح 393 رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته ڊي ايڇ اي جي علائقي جي ايئر ڪوالٽي انڊيڪس 896 تائين پهچي وئي.
موسميات کاتي جو چوڻ آهي ته اولهه هوائن جو هڪ سلسلو ملڪ ۾ اڄ داخل ٿيندو، 15 ۽ 16 نومبر تي پنجاب جي مختلف علائقن ۾ برسات جو امڪان آهي، برسات سبب لاهور ۾ ايئر ڪوالٽي انڊيڪس ۾ واضح گهٽتائي رڪارڊ ڪئي ويندي.
خيبرپختونخوا ۾ سموگ گهٽ ٿيڻ لڳو، صوبائي راڄڌاني پشاور ۾ سموگ ۾ واضح گهٽتائي ٿي آهي، پشاور ۾ ايئر ڪوالٽي انڊيڪس 187 تي اچي وئي آهي.
دنيا جي آلوده ترين شهرين ۾ پشاور ٽئين نمبر کان ڇهين نمبر تي پهچي ويو، هري پور ۾ 200 ۽ ايبٽ آباد ۾ 163 اي ڪيو آءِ رڪارڊ ڪيو ويو.
پنجاب جي ميداني علائقن ۾ سموگ ۽ ڪوهيڙي سبب مختلف موٽرويز ڪيترن ئي هنڌن تان ٽريفڪ لاءِ بند ڪيو ويو آهي.
سٽي ٽريفڪ پوليس ترجمان ۽ موٽروي پوليس جو چوڻ آهي ته سموگ ۽ ڪوهيڙي سبب حد جي نظر گهٽ ٿيڻ تي موٽر وي ايم ٽو کي لاهور کان شيخوپورا، موٽر وي ايم فور کي لاهور کان درخانه ۽ ايم 11 سيالڪوٽ موٽروي کي سمبڙيال تائين بند ڪيو ويو.
ترجمان جو چوڻ آهي ته موٽرويز کي عوام جي حفاظت ۽ محفوظ سفر يقيني بڻائڻ لاءِ بند ڪيو ويو آهي، روڊ يوزرز سموگ ۽ ڪوهيڙي جي سيزن ۾ ڏينهن جي سفر کي ترجيح ڏين، رات جو سفر کان پاسو ڪندي گاڏي جي اڳيان ۽ پٺيان فوگ لائٽس جو استعمال ڪن.- Advertisement -
