- Advertisement -
پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو آهي ته ملڪ ۾ سڀاڻي اليڪشن لاءِ سڪيورٽي پلانز کي قطعي شڪل ڏني وئي آهي، پاڪستان هڪ گڏيل جمهوري عمل کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان قانون جي حڪمراني ۽ بنيادي آزادين جي تحفظ جو پوري طرح عزم رکي ٿو، بنيادي آزادين جي ضمانت ملڪ جي آئين ۽ قانون ۾ ڏني وئي آهي، چونڊ عمل ۾ ڪنهن به شڪايت جي صورت ۾ قانون موجود آهي، سندن عدالتي نظام منصفاڻو ٽرائل ۽ مناسب عمل فراهم ڪندو آهي.
جاري ڪيل بيان ۾ ممتاز زهرا بلوچ چيو ته ملڪ ۾ سڀاڻي اليڪشن لاءِ سڪيورٽي پلانز کي قطعي شڪل ڏني وئي آهي.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان هڪ گڏيل جمهوري عمل کي هٿي وٺرائڻ لاءِ پرعزم آهي، پاڪستان قانون جي حڪمراني ۽ بنيادي آزادين جي تحفظ جو پوري طرح عزم رکي ٿو.
پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهرا بلوچ چيو ته بنيادي آزادين جي ضمانت ملڪ جي آئين ۽ قانون ۾ ڏني وئي آهي، چونڊ عمل ۾ ڪنهن به شڪايت جي صورت ۾ قانون موجود آهي، سندن عدالتي نظام منصفاڻو ٽرائل ۽ مناسب عمل فراهم ڪندو آهي.- Advertisement -
