- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف آهي ته ملڪ ۾ پرڏيهي سيڙپڪاري کي هٿي وٺرائڻ حڪومت جي ترجيح آهي.
وزيراعظم شهباز شريف سان برطانيه جي ڪاروباري شخصيتن جي وفد زبير عيسيٰ جي سربراهي ۾ لاهور ۾ ملاقات ٿي.
ملاقات ۾ پاڪستان ۽ برطانيه وچ ۾ بزنس ٽور بزنس لاڳاپن کي وڌيڪ بهتربڻائڻ جي حوالي سان سهڪار جا نوان رستا ڳولا تي ڳالهيون ڪيون ويون.
ان موقعي وزيراعظم چيو ته ڪاروباري ۽ واپاري برادري کي خاص طور سيڙپڪاري سهولت ڪونسل جي ون ونڊو آپريشن ذريعي بهترين سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي.
هن چيو ته حڪومت جي ڪوششن سان هاڻوڪي ڏينهن ۾ ملڪي معيشيت بهتري طرف وڌي رهي آهي، جنهن سان سيڙپڪارن جو اعتماد وڌيو آهي.
برطانوي وفد ملڪي معيشيت جي استحڪام ۽ جٽادار ترقي جي رستي تي اچڻ تي وزيراعظم جي معاشي پاليسين جي ساراهه ڪئي ۽ اعتماد جو اظهار ڪيو.- Advertisement -
