- Advertisement -
ملڪ ۾ پوليو وائرس جا وڌيڪ 2 ڪيس سامهون اچي ويا جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ پوليو ڪيسز جو تعداد 45 ٿي ويو.
نيشنل اي او سي موجب، لڪي مروت ۾ هڪ ٻارڙيءَ ۽ ڊي آءِ خان ۾ هڪ ٻار ۾ پوليو وائرس جي تصديق ٿي آهي.
نيشنل اي او سي جي انگن اکرن موجب هلندڙ سال بلوچستان کان 22، سنڌ مان 12 پوليو ڪيس رپورٽ ٿي، خيبرپختونخوا ما 9 ۽ پنجاب ۽ اسلام آباد مان هڪ هڪ ڪيس سامهون آيو آهي.- Advertisement -
