- Advertisement -
حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪو به قومي سطح جو ليڊر نه بچو آهي، پاڪ فوج دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي، موسمياتي تبديلين سبب فصلن جي پيداوار گهٽ ٿي رهي آهي، هاري چوپائي مال مان زميندارن کان وڌيڪ فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا، موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ اوطاق ۽ گهرن اڳيان وڻ جي پوکائي ڪرڻ گهرجي.
حرن جو روحاني پيشوا ۽ جي ڊي اي سربراهه پير پاڳارو ڍورو نارو جي ڳوٺ لعل محمد مڱريو پهچي ويو.
حرن جو روحاني پيشوا پير پاڳاري پنهنجي مريدن ۽ عقيدتمندن کي خطاب ڪندي چيو ته پنهنجي نياڻين تي وڌ کان وڌ ڌيان ڏيو، نياڻين کي سٺي تعليم ڏياريو، پنهنجي پٽن جو به خيال رکو ڪٿي ڪنهن غلط صحبت ۾ ته ناهي اچي ويو.
سندس چوڻ هو ته پاڙيسرين جو وڌ ۾ وڌ خيال رکو، ڏکي وقت ۾ مٽن مائٽن کان وڌيڪ پاڙيسري ڪم ايندا آهن.
حرن جي روحاني پيشوا پير پاڳاري چيو ته ملڪ ۾ ڪو به قومي سطح جو ليڊر نه بچو آهي، پاڪ فوج دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.
پيرپاڳاري چيو ته موسمياتي تبديلين سبب فصلن جي پيداوار گهٽ ٿي رهي آهي، هاري چوپائي مال مان زميندارن کان وڌيڪ فائدو حاصل ڪري سگهن ٿا، موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ اوطاق ۽ گهرن اڳيان وڻ جي پوکائي ڪرڻ گهرجي.- Advertisement -
