- Advertisement -
وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته منشيات جي استعمال ۽ غير قانوني سمگلنگ خلاف عالمي ڏينهن ملهائڻ جو مقصد منشيات جي غير قانوني سمگلنگ خلاف سندن گڏيل ذميواري جو ورجاءُ آهي.
منشيات جي استعمال ۽ غير قانوني سمگلنگ خلاف عالمي ڏينهن جي موقعي تي جاري ڪيل پيغام ۾ شهباز شريف چيو ته منشيات سماج جي بقا لاءِ خطرو آهي، گڏيل ڪوششن سان ئي پاڪستان ۾ منشيات جي ورڇ کي روڪڻ ۾ ڪامياب ٿي سگهجي ٿو.
سندس چوڻ هو ته پاڪستان جي حڪومت منشيات جي استعمال جي مسئلي کي حل ڪرڻ ۽ غير قانوني سمگلنگ کي منهن ڏيڻ لاءِ فائديمند قدم کڻڻ کي اولين ترجيح ڏئي ٿي.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سماج ۾ منشيات سان لاڳاپيل ڏوهن جو وڌندڙ انگ خطرناڪ آهي ۽ حڪومت انهن کي روڪڻ لاءِ پرعزم آهي.
هن چيو ته پاڪستان حڪومت جو عزم آهي ته نشي جي عادي ماڻهن جي بحالي لاءِ بهتر انتظام ڪيا وڃن.
وزيراعظم شهباز شريف چيو ته اڄ جي ڏينهن اهي منشيات جي ناجائز ڪاروبار جو گڏيل طور تي مقابلو ڪرڻ جو عهد ڪن ٿا، اچوته پنهنجي ايندڙ نسلن لاءِ هڪ روشن ۽ صحتمند مستقبل ٺاهيون.- Advertisement -
