تازه ترين

مهانگائي جي شرح ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اضافو ٿي ويو آهي، هڪ هفتي دوران عام واهپي جي 21 شيون مهانگايون ٿيون

- Advertisement -
مهانگائي جي شرح ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر اضافو ٿي ويو آهي، هڪ هفتي دوران عام واهپي جي 21 شيون مهانگايون ٿيون. شماريات کاتي طرفان جاري ڪيل هفتيوار رپورٽ ۾ چيو ته ملڪ ۾ ٻئي هفتي ۾ به مهانگائي جي شرح ۾ ٻڙي ڏهائي 44 سيڪڙو  اضافو ٿيو، جنهن بعد سالياني بنيادن تي مهانگائي جي شرح وڌي 13 ڏهائي 80 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي. رپورٽ موجب هفتي دوران 21 عام واهپي جي شين جي اگهن ۾ اضافو ۽ 10 شين جي اگهن  ۾ گهٽائي ٿي، جڏهن ته  20 شين جا اگهه برقرار رهيا. تازي هفتي دوران ٽماٽا 18 ڏهائي 51 سيڪڙو،  بصر 5 ڏهائي 89 سيڪڙو، ڪڪڙ 3 ڏهائي 72 سيڪڙو، اٽو 3 ڏهائي 63 سيڪڙو، چڻن جي دال، مڱن جي دال، سرنهن جو تيل، باهه ٻارڻ واري ڪاٺي ۽ ٿوم جا اگهه وڌيا. شماريات کاتي موجب ايل پي جي جو اگهه ٻڙي 98 سيڪڙو، ماچس، سگريٽ ۽   پٽاٽا به مهانگا ٿيا.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
25.3 ° C
25.3 °
25.3 °
47 %
2.4kmh
1 %
خميس
32 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
33 °
آچر
35 °
سُومر
32 °

تازه ترين خبرون