تازه ترين

مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان هڪ دفعو ٻيهر نون صوبن بابت رينگٽ شروع ڪري ڇڏيو

- Advertisement -
مواصلات واري وفاقي وزير عبدالعليم خان هڪ دفعو ٻيهر نون صوبن بابت رينگٽ شروع ڪري ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته مسئلن جو حل وڌيڪ صوبن ۾ آهي، نوان صوبا سڀني ماڻهن لاءِ فائديمند آهن. گوجرانوالا ۾ ڪنوينشن کي خطاب ڪندي وفاقي وزير عبدالعليم خان چيو ته ملڪ ۾ وڌيڪ صوبا ٺاهڻ لاءِ تحريڪ شروع ڪرڻي آهي، ملڪ دشمنن کي منهن ٽوڙ جواب ڏنو ويندو. هن چيو ته هو صوبن جو نالو تبديل ڪرڻ نه ٿا چاهين، بلوچستان کي بلوچستان ئي رکڻ جا خواهشمند آهن، جيڪڏهن توهان وٽ سنڌ ۾ حڪومت آهي ته هڪ بدران ٽي وڏا وزير مقرر ڪيو، بلوچستان ۾ به ٽي وڏا وزير ٿي وڃن ته ڪهڙو عيب آهي، ڏکڻ ۽ اتر سنڌ صوبو ٺهڻ گهرجي. سندس چوڻ هو ته مسئلن جو حل وڌيڪ صوبن ۾ آهي، نوان صوبا سڀني جي فائدي ۾ آهن. عبدالعليم خان چيو ته کين ماڻهن جا مسئلا حل ڪرڻا پوندا، سمورين سياسي پارٽين کي دل وڏي ڪرڻ گهرجي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
28.1 ° C
28.1 °
28.1 °
36 %
2.9kmh
0 %
اربع
30 °
خميس
31 °
جمعو
27 °
ڇنڇر
30 °
آچر
32 °

تازه ترين خبرون