موري ۾ پوليس موبائيل ۾ خانگي ماڻھو کي گشت ڪرائڻ واري خبر سنڌ ٽي وي نيوز تي نشر ٿيڻ جو ايس ايس پي پاران نوٽيس ورتو ويو آھي.
ايس ايس پي نوشھرو فيروز خبر جو نوٽيس وٺندي ڊي ايس پي موري کي جاچ آفيسر مقرر ڪري ڇڏيو آھي.
ايس ايس پي عابد بلوچ، ڊي ايس پي موري کي فوري طور معاملي جي جاچ ڪري رپورٽ پيش ڪرڻ جو حڪم ڏنو آھي.
ھوڏانھن پوليس موبائيل ۾ گشت ڪندڙ خانگي ماڻھن فھيم راجپوت جو چوڻ آھي تھ 12 ربيع الاول جي جلوسن جا رستا ڏيکارڻ لاءِ موبائيل ۾پوليس وارن سان گڏ ويٺو ھيس.
