موري ويجھو بجلي جي ٽرانسفارمر مان ڪرنٽ لڳڻ سبب نوجوان سڙي فوت ٿي ويو.
ڳوٺ پنھون ماڇي ۾25 سالن جو معشوق ولد غلام شبير ماڇي ٽرانسفارمر مان بجلي جو ڪرنٽ لڳڻ سبب سخت زخمي ٿي پيو.
وارثن نوجوان کي بيھوشي واري حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو، جتي ھن زخمن جي سٽ نھ سھندي دم ڏئي ڇڏيو.
نوجوان جي چاچي غلام نبي ماڇي ۽ ڀاءُ عاشق ماڇي ميڊيا کي ٻڌايو ته فوتي نوجوان معشوق ماڇي زميندار عبدالحميد بيھڻ جي زمين تي ھارپو ڪندو ھو.
ھنن چيو تھ بجلي جو ٽرانسفارمر خراب ھجڻ جي ڪري زمين تي رھندڙ ھاري امام دين ماڇي اسان جي نوجوان کي ٽرانسفارمر ٺاھڻ لاءِ کيس زوري پول تي چاڙھيو، اوچتو بجلي اچڻ جي ڪري نوجوان ڪرنٽ لڳڻ سبب فوت ٿي ويو.
