موڊيز ريٽنگ ۾ بهتري معاشي پاليسيون درست هجڻ جو عالمي اعتراف آهي:وزيراعظم

- Advertisement -
وزيراعظم شهبازشريف چيو آهي ته موڊيز ريٽنگ ۾ بهتري معاشي پاليسيون درست هجڻ جو عالمي اعتراف آهي. وزيراعظم هائوس طرفان جاري ڪيل بيان ۾ وزيراعظم شهبازشريف جي صدارت هيٺ معيشت جي ترقي ۽ سيڙپڪاري بابت اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي موڊيز طرفان پاڪستان ريٽنگ بهتر ڪرڻ ۽ مختلف شعبن ۾ دوست ملڪن مان سيڙپڪاري معاهدن تي اڳڀرائي بابت آگاهه ڪيو ويو. اجلاس کي سي پيڪ جي ٻئي مرحلي تحت منصوبن بابت به آگاهي ڏني وئي. وزيراعظم عالمي ريٽنگ ايجنسي موڊيز طرفان پاڪستان جي ڪريڊٽ ريٽنگ اپگريڊ ڪرڻ تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته معاشي ٽيم جو ڪوششون رنگ لائي رهيون آهن. هن چيو ته گذريل دور ۾ ملڪ خاطر پنهنجي سياست قربان ڪئي ۽ ملڪ کي ڊفالٽ ٿيڻ کان بچايو، هاڻي معيشت استحڪام بعد ترقي جي راهه تي هلي رهي آهي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
23.8 ° C
23.8 °
23.8 °
43%
2.8m/s
0%
سُومر
24 °
اڱارو
31 °
اربع
33 °
خميس
28 °
جمعو
26 °

تازه ترين خبرون