- Advertisement -
ڪرمپور ويجهو جعفري ۽ نندواڻي برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ جهيڙي دوران 3 ڄڻا قتل ۽ 5 زخمي ٿي پيا.
ڳوٺ الله داد جعفري ۾ ٻن ڌرين وچ ۾ رستي جي لنگهه تان جهيڙو ٿي پيو.
جهيڙي دوران فائرنگ ۾ نوجوان مهراب نندواڻي، تاج محمد جعفري ۽ حافظ انور جعفري قتل ٿي وي ويا، جڏهن ته 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا.
مارجي ويلن جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
ڌرين وچ ۾ هڪٻئي مٿان جديد هٿيارن سان فائرنگ جاري آهي، جهيڙي سبب علائقو جنگ جو ميدان بڻجي ويو آهي.- Advertisement -
