تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

ميرو خان مان چوٿين ڪلاس جو شاگرد مبينا طور اغوا

- Advertisement -
- Advertisement -
- Advertisement -

ميرو خان مان چوٿين ڪلاس جو شاگرد مبينا طور اغوا ٿي ويو آهي جڏهن ته سنڌ ٽي وي نيوز واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيجز هٿ ڪري ورتا وڊيو ۾ هڪ شخص کي فرحان علي گوپانگ کي وٺي ويندي ڏسي سگهجي ٿو.

چوٿين ڪلاس جو شاگرد 13 ورهين جو فرحان علي پٽ هدايت علي گوپانگ مبينا طور اغوا ٿي ويو آهي.

نينگر جي والد هدايت علي گوپانگ ٻڌايو ته سندس پٽ اسڪول کان واپس ٿي مسجد ۾ قرآن پاڪ جو سبق وٺڻ ويو ته ھڪ اڻڄاتل ماڻهو کيس اغوا ڪري ويو آٓهي.

استاد عبدالعزيز دايو چيو ته فرحان قرآن پاڪ جو سبق وٺڻ مسجد آيو جتي ھڪ ماڻهو چيو ته غريب آھيان سندس مدد ڪريو ۽ ھن چيو ته مونکي بک لڳي آهي ماني کارايو.

استاد عبدالعزيز دايو وڌيڪ چيو ته فرحان کي چيو ته هو ھن کي سندس دڪان تي وٺي ماني کارائي جتان ماني کائي ھو فرحان کي وٺي ويو ڪالھه کان ظاهر ناهي ٿيو، اھو شخص پاڻ کي ڳڙھي ياسين جو رهواسي سڏائي رهيو هو.

سنڌ ٽي وي نيوز واقعي جا سي سي ٽي وي فٽيج ھٿ ڪري ورتا وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته ھڪ اڻڄاتل شخص، فرحان علي کي وٺي وڃي رھيو آهي.

مدرسي جي انچارج مولوي منير احمد پنھور چيو ته اڻڄاتل شخص ڪنهن به مدرسي لاءِ چندو وٺڻ نه آيو ھو پر پنهنجي مدد جي اپيل ڪرڻ آيو هو.

پوليس ٻڌايو ته جيئن ئي واقعو پيش آيو، وارثن اطلاع ڏنو آهي هو جاچ ڪري رھيا آھن شھر ۾ لڳل سڀئي سي سي ٽي وي ڪيمرائون کولرائي رھيا آھن.

- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
16.8 ° C
16.8 °
16.8 °
44 %
2.2kmh
0 %
سُومر
26 °
اڱارو
28 °
اربع
29 °
خميس
29 °
جمعو
30 °

تازه ترين خبرون