ميرپورخاص جي بخاري ٽائون ۾ 5ڏينهن کان بيٺل برساتي پاڻي نيڪال نه ٿي سگهيو، جڏھن تھ فوتي عورت جو جنازو گندي پاڻيءَ مان جھاڳي قبرستان پھچايو ويو.
گندو پاڻي مسلسل بيھڻ سبب علائقي ۾ مڇرن جو آزار وڌي وڃڻ سبب ڪيترائي علائقي واسي مليريا سميت مختلف چمڙي جي بيمارين م مبتلا ٿي ويا.
علائقي واسين جو چوڻ ھو تھ برسات کي پنج ڏينهن گذرڻ برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرايو ويو آھي، جڏھن تھ ٻارڙا اسڪول نھ ٿا وڃي سگھن.
ھنن چيو ته يوسي توڙي ٽائون انتظاميا کي شڪايتون ڪيون ويون آھن پر ان باوجود برساتي پاڻي نيڪال نه ڪرايو ويو آهي. علائقي واسين ڪمشنر ميرپورخاص، ميئر ميونسپل ڪارپوريشن سميت ٻين اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته فوري طور علائقي ۾ بيٺل برساتي پاڻي نيڪال ڪرايو وڃي ٻي صورت ۾ احتجاج ڪيو ويندو


