ميرپورخاص ويجهو شهيد دين محمد ٿاڻي جي حد ۾ گهر مان ناري جو ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو آهي.
ڳوٺ دوست محمد مھر ۾ 17 سالن جي عائشا ڌي ھمٿيو ميگھواڙ جو سندس گھر جي ڪمري مان ڦاھو کاڌل لاش ھٿ آيو.
اطلاع ملڻ تي تي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پھچي لاش کڻائي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيو ويو.
پوليس موجب وارثن جو چوڻ آهي ته ناري جو ذھني توازن درست نه هجڻ سبب ھن انتهائي قدم کنيو آهي.
