ميرپورماٿيلو: نصر الله گڏاڻي ڪيس ۾ پوليس جاچ مڪمل نه ٿي، ڪيس رولڙي جو شڪار

- Advertisement -
ميرپور ماٿيلي جي عدالت صحافي نصر الله گڏاڻي قتل ڪيس جو قطعي چالان جمع ڪرائڻ بابت مهلت واري درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي 15 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ صحافي نصر الله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي. ٻڌڻي دوران صحافي نصر الله گڏاڻي جي امڙ، وڪيل صلاح الدين پنهور سان گڏ عدالت ۾ پيش ٿي. ڪيس ۾ نامزد پ پ ايم اين اي سردار خالد لنڊ، سندس 2 پٽ ۽ جاچ آفيسر ايس ايس پي شهيد بينظير آباد تنوير تنيو عدالت ۾ پيش نه ٿيا. گرفتار جوابدار اصغر لنڊ کي پيش عدالت ۾ ڪيو ويو. ٻڌڻي دوران عدالت کي ٻڌايو ويو ته جاچ مڪمل ناهي ٿي سگهي، مهلت ڏني وڃي. عدالت مهلت واري درخواست منظور ڪندي ٻڌڻي 15 نومبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي. نصرالله گڏاڻي جي امڙ عدالت ٻاھران لڙڪ لاڙي ويٺي. نصرالله گڏاڻي ڪيس جي وڪيل صلاح الدين پنھور ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته جاچ جو آرڊر ٿيو ھو، جنھن ۾ شھيد بينظيرآباد جي ايس ايس پي تنوير تنيو کي جاچ آفيسر مقرر ڪيو ويو ھو، هو اميد ڪن ٿا ته ھن ڪيس ۾ انويسٽيگيشن صحيح نموني سان ٿيندي ۽ جلدي چالان عدالت ۾ جمع ڪرائيندا. ھن چيو ته جاچ آفيسر پاران اھو چيو ويو آھي ته هنن جيو فينسنگ ڪرائي آھي، جنھن ٽائيم تي نصرالله گڏاڻي قتل ٿيو ھو، ڪهڙا ماڻھو موجود ھئا، تصديق لاءِ ٽائيم گھربل ھو ھنن مهلت جي درخواست ڏني جيڪا عدالت منظور ڪئي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
2 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
28.8 ° C
28.8 °
28.8 °
26%
2.5m/s
0%
جمعو
30 °
ڇنڇر
28 °
آچر
31 °
سُومر
31 °
اڱارو
32 °

تازه ترين خبرون