- Advertisement -
ميرپور ماٿيلو پوليس مقابلي دوران هڪ ڏوهاريءَ کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعوى ڪئي آهي.
ٻيلو ميرپور پوليس جو چوڻ آهي ته باگو درو لنڪ روڊ تي ڏوهه جي ارداري سان بيٺل ڏوهارين سان مقابلو ٿي پيو.
فائرنگ جي ڏي وٺ ۾ هڪ ڏوهاري کي زخمي حالت ۾گرفتارڪيو ويو جنهن جي سڃاڻپ پرويز پٽ محمد بچل گهوٽو طور ٿي.
پوليس موجب، زخمي جوابدار وٽان هڪ پسٽل ۽ گوليون هٿ ڪري کيس طبي امداد لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس جو وڌيڪ چوڻ آهي ته گرفتار جوابدار سنگين نوعيت جي ڪيسن ۾ گھربل آهي سندس وڌيڪ ڪرمنل رڪارڊ چيڪ ڪيوپيو وڃي.- Advertisement -
