- Advertisement -
ميرپور ماٿيلي جي عدالت صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي 25 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
ٻڌڻي دوران فريادي، نئون جاچ آفيسر ايس ايس پي تنوير تنيو ۽ ٻيا عدالت ۾ پيش ٿيا.
مقتول جي وارثن ڪيس جو چالان پيش ڪرڻ ۾ دير خلاف درخواست داخل ڪرائي ڇڏي.
جاچ آفيسر ايس ايس پي تنوير تنيو موقف اختيار ڪيو ته جاچ مڪمل ناهي ٿي، مهلت ڏني وڃي، جنهن تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
ايس ايس پي تنوير تنيو چيو ته ڪيس جي جاچ جلد مڪمل ڪئي ويندي.
عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 25 آڪٽوبر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.- Advertisement -
