ميلبرن ۾ جاري ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ آسٽريليا، پاڪستان کي ميچ کٽڻ لاءِ 317 رنسن جو هدف ڏنو آهي

- Advertisement -
ميلبرن ۾ جاري ٻي ٽيسٽ ميچ ۾ آسٽريليا، پاڪستان کي ميچ کٽڻ لاءِ 317 رنسن جو هدف ڏنو آهي. آسٽريليا جي ٽيم ٻي اننگز ۾ 262 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي، هدف حاصل ڪرڻ لاءِ پاڪستان جي بيٽنگ جاري آهي. آسٽريليا جي مچل مارچ 96 رنسون ٺاهي نمايان رهيو جڏهن ته وڪيٽ ڪيپر بيٽر اليڪس ڪيري 96 بالن تي 8 چوڪن جي مدد سان ٽيسٽ ڪيريئر جي ڇهين اڌ سينچري اسڪور ڪرڻ کانپوءِ 53 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي ويو. آسٽرليا جي اسٽيوا سمٿ 50، پيٽ ڪمنز 16، نيٿن لائين 11 ۽ مچل اسٽارڪ 9 رنسون ٺاهي پويلين موٽي ويا. ڊيويڊ وارنر 6، لبوشين 4 رنس ٺاهي آئوٽ ٿيو جڏهن ته عثمان خواجا ۽ ٽريوس هيڊ ٻڙي تي پويلين موٽي ويا. پاڪستاني بالر شاهين آفريدي ۽ مير حمزه 4-4 رانديگرن کي آئوٽ ڪيو جڏهن ته عامر جمال جي حصي ۾ ٻه شڪار آيا……
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
3 watching
🔴 WATCH LIVE NOW: Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & Today News
Pakistan
clear sky
21.9 ° C
21.9 °
21.9 °
15%
1.2m/s
0%
اربع
22 °
خميس
22 °
جمعو
21 °
ڇنڇر
22 °
آچر
23 °

تازه ترين خبرون