- Advertisement -
ميهڙ ۾ مبينا پوليس مقابلي ۾ هڪ ڏوهاري مارجي ويو.
بي سيڪشن ٿاڻي جي حد ڳوٺ خيرو ڀٽي وٽ پوليس ۽ ڏوهارين ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ون فائيو مددگار حملي ۾ ملوث مک جوابدار نادر پٽ فقير کوسو مارجي ويو.
پوليس پاران مارجي ويل ڏوهاري جو لاش مقامي اسپتال منتقل ڪيو ويو.
پوليس جو چوڻ هو ته مقابلي ۾ مارجي ويل ڏوهاري نادر کوسو ون فائيو مددگار حملي جو مک جوابدار هو، جڏهن ته گرفتار ٿيل ٻين جوابدارن کان جاچ ڪئي پئي وڃي، جن وٽان هٿيار پڻ هٿ آيا آهن.
هوڏانهن ڏوهارين جي حملي ۾ شهيد ٿي ويل پوليس اهلڪار ذوالفقار علي ترڪ جي جنازي نماز عيدگاهه ۾ ادا ڪئي وئي.
جنازي نماز ۾ ڊي آءِ جي حيدر آباد طارق ڌاريجو، ايس ايس پي دادو امير سعود مگسي ۽ ڊي ايس پي ميهڙ محمد يونس رودناڻي سميت پوليس آفيسرن ۽ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.
شهيد پوليس اهلڪار ذوالفقار ترڪ کي سلامي پيش ڪرڻ بعد اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو.- Advertisement -
