- Advertisement -
مٺي ۾ ڌار ڌار واقعن ۾ ڏياري جي خوشيءَ ۾ ڦٽاڪا ٻارڻ دوران باهه لڳي وئي، فائر برگيڊ پهچي باهه تي ضابطو آڻي ورتو.
تاريخي تفريح ماڳ گڍي ڀٽ تي ڦٽاڪا ٻارڻ دوران باهه لڳڻ سبب سياحن لاءِ ٺهيل چونئرا سري رک ٿي ويا.
ٻئي واقعي ۾ ديوان ڪريانه ڀرسان گهر مٿي ٺهيل ڪکانئون چئونرو به باهه لڳڻ سبب سڙي رک ٿي ويو.
اطلاع ملڻ تي فائر برگيڊ عملي واقعن واري هنڌن تي پهچي باهه تي ضابطو آڻي ورتو.
- Advertisement -
