تازه ترين
ڪراچيءَ جو ميئر مرتضيٰ وهاب ريسڪيو آپريشن جي نگراني لاءِ گل پلازه پهتو يورپي ملڪن گرينڊ لينڊ تي قبضي واري معاملي تي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ٽيرف لاڳو ڪرڻ جي ڌمڪين کي رد ڪ... مراڪش جي بادشاهه غزه امن بورڊ جو باني ميمبر بڻجڻ لاءِ ٽرمپ جي دعوت قبول ڪري ورتي سنڌ پوليس ۽ رينجرز ڪشمور ۽ گهوٽڪي ضلعي جي گڏيل ڪچي واري علائقي ۾ ٽارگيٽڊ آپريشن دوران پنجاب واسي 5 ڄ... سنڌ حڪومت گل پلازه جي تباهه ٿيل عمارت ٻيهر ٺهرائڻ جو اعلان ڪندي متاثرن جي بحالي لاءِ ڪميٽي قائم ڪري ... تحريڪ انصاف چيئرمين بئريسٽر گوهر جوڊيشل ڪميشن اجلاس ۾ شرڪت پي ٽي آءِ باني ملاقات سان مشروط ڪري ڇڏي جسقم چيئرمين صنعان قريشي تي ڪيس داخل ڪرڻ خلاف 21جنوري تي احتجاج جو سڏ ڪيٽي بندر ويجهو سمنڊ ۾ ٻڏيل ويل نوجوان واحد بخش گبول جي ڇهين ڏينهن به ڳولا جاري آهي قومي اسيمبلي جو اجلاس اڄ شام 5 وڳي ٿيندو، 16 نڪاتي ايجنڊا جاري گل پلازه ۾ لڳل خوفناڪ باهه 14 حياتيون ڳڙڪائي وسامي وئي، 35 ڄڻا زخمي، 73 ماڻهو اڃا تائين گم

نئين ديري ۾ واپاري سنتوش ڪمار جي قتل خلاف شٽربند هڙتال

- Advertisement -
نئين ديري ۾ 27 ڏينهن اڳ قتل ٿيل واپاري سنتوش ڪمار جا قاتل گرفتار نه ٿيڻ خلاف شٽر بند هڙتال ڪئي وئي. شهري ايڪشن ڪاميٽي جي سڏ تي شهر جي سياسي، سماجي، مذهبي، واپاري تنظيمن پاران سمورو شهر بند رکي شٽر بند هڙتال ڪئي وئي. هڙتال سبب شهر جا الله وارو چوڪ، پنج گلي چوڪ، صدر چوڪ، اسٽيشن روڊ، لاڙڪاڻو روڊ، شاهي بازار، ريشم بازار، صرافه بازار، ڪريانه، جنرل اسٽورز، موبائل مارڪيٽ ۽ ٻيا سمورا ننڍا وڏا ڪاروباري مرڪز بند رکيا ويا. اڳواڻن جو چوڻ هو ته شهر ۾ ڏوهارين سرعام واپاري سنتوش ڪمار کي قتل ڪري دهشت ڦهلائي پر افسوس جو قاتلن جي گرفتارين جون فقط خاطريون ڪرايون ويون، پر 27 ڏينهن گذرڻ باوجود قاتل گرفتار نه ٿي سگهيا آهن. هنن چيو ته آءِ جي توڙي سنڌ حڪومت جي نوٽيس وٺڻ باوجود پوليس جي ڪارڪردگي زيرو تي بيٺل آهي ۽ ايف آءِ آر داخل ڪرڻ کانپوءِ ڪو به جوابدار گرفتار ناهي ٿي سگهيو. شهرين مطالبو ڪيو ته سنتوش ڪمار جي قتل ۾ ملوث جوابدار گرفتار ڪري مقتول جي وارثن سان انصاف ڪيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
overcast clouds
29.3 ° C
29.3 °
29.3 °
12 %
2.6kmh
97 %
جمعو
29 °
ڇنڇر
31 °
آچر
28 °
سُومر
26 °
اڱارو
26 °

تازه ترين خبرون