تازه ترين

نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ جي گرفتاريءَ کي معجزو قرار ڏئي ڇڏيو

- Advertisement -
نائب وزيراعظم اسحاق ڊار، اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ جي گرفتاريءَ کي معجزو قرار ڏئي ڇڏيو، سندس چوڻ آهي ته اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ جي گرفتاري معجزو آهي جنهن تي حيران آهي، اڳوڻي جنرل آڪٽوبر مهيني دوران زيادتين تي معافي ورتي، خراب سياست ملڪ جي حالت خراب ڪري ڇڏي آهي، گندي سياست سبب دنيا جي 24 هين معيشيت 47 هين نمبر تي اچي وئي آهي، سينيٽ جي جوائنٽ سيڪريٽري جي گهر ڀاتين برطانيا ۾ سياسي پناهه وٺي ڇڏي آهي، پارلياماني آفيسرن کي مستقبل ۾ ويزا جي سهولت نه ملندي. اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ جي معاملي بابت ردعمل ڏيندي اسحاق ڊار چيو ته  اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ جي گرفتاري معجزو آهي جنهن تي حيران آهي، پهريون ڀيرو اهڙي طرح شيون ٿيون آهن. سندس چوڻ هو ته هي 2011ع جو پراجيڪٽ هو جنهن جي پڄاڻي ٿي، 2014ع جو ڌرڻو به ناڪام ٿيو ۽ معيشيت به خراب ٿي، هو اڄ تائين ان جا نقصان ڀوڳي رهيا آهن. نائب وزيراعظم اسحاق ڊار انڪشاف ڪندي چيو ته اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ، سندس کان به معافي گهري هئي، هو به اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ کان متاثرن ۾ شامل آهي، اڳوڻي جنرل آڪٽوبر مهيني دوران زيادتي تي معافي گهري. هن چيو ته الله ڪري هو قوم طور سڌي رستي تي هلن، هو غلط شين جي هميشه خلاف آهي ۽ ڪنٽرول ڪرڻ گهرجي. نائب وزيراعظم چيو ته خراب سياست ملڪ جي حالت خراب ڪري ڇڏي آهي، گندي سياست سبب دنيا جي 24 هين معيشيت 47 هين نمبر تي اچي وئي آهي، سينيٽ جي جوائنٽ سيڪريٽري جي گهر ڀاتين برطانيا ۾ سياسي پناهه وٺي ڇڏي آهي، پارلياماني آفيسرن کي مستقبل ۾ ويزا جي سهولت نه ملندي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
🔴 Sindh TV News Live – 24/7 Breaking News, Headlines, Political Updates & (Today News) #sindhtvnews
Pakistan
clear sky
29.8 ° C
29.8 °
29.8 °
21 %
2.8kmh
0 %
جمعو
30 °
ڇنڇر
33 °
آچر
32 °
سُومر
35 °
اڱارو
36 °

تازه ترين خبرون