- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ ڪي اليڪٽرڪ جي بلن ۾ ميونسپل ٽيڪس اوڳاڙي خلاف درخواست تي ڪراچيءَ ميئر ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 27 آگسٽ تي جواب طلب ڪري ورتو.
سنڌ هائيڪورٽ ۾ اپوزيشن ليڊر سيف الدين ايڊووڪيٽ طرفان ڪي اليڪٽرڪ جي بلن ۾ ميونسپل ٽيڪس اوڳاڙي خلاف درخواست داخل ڪئي وئي.
درخواست ۾ وفاقي، صوبائي حڪومت، ڪراچيءَ جي ميئر ۽ ڪي اليڪٽرڪ سي اي او کي ڌر بڻايو ويو.
درخواست ڏيندڙ جي وڪيل عثمان فاروق موقف اختيار ڪيو ته درخواست ڏيندڙ ڪي اليڪٽرڪ جي ڪارڪردگي، بجلي جي اگهن ۾ اضافي ۽ اوربلنگ سبب پريشان آهي، هاڻي بجلي جي بلن ۾ ميونسپل ٽيڪس به شامل ڪئي وئي آهي.
درخواست ۾ عدالت کي اپيل ڪئي وئي آهي ته ڪراچي جي ميئر طرفان لڳايل ميونسپل ٽيڪس کي غيرقانوني قرار ڏنو وڃي، ميئر ڪراچي ۽ ڪي اليڪٽرڪ ۾ ٿيل معاهدي کي ڪالعدم قرار ڏنو وڃي.
عدالت ڪراچيءَ ميئر ۽ ٻين ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي 27 آگسٽ تي جواب طلب ڪري ورتو…………- Advertisement -
