- Advertisement -
ناروي، آئرلينڊ ۽ اسپين فلسطين کي رياست تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
پرڏيهي ميڊيا موجب ناروي جي وزيراعظم جونس گاراسٽور جو چوڻ آهي ته فلسطين کي تسليم ڪرڻ جو مقصد ٻين ملڪن ڏانهن پيغام موڪلڻ آهي.
ناروي جي وزيراعظم فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ جي تصديق ڪندي چيو ته وچ اوڀر ۾ فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ کسناوءِ امن قائم نٿو ٿي سگهي.
آئرلينڊ جي وزيراعظم سيمون هيرس به فلسطين کي رياست تسليم ڪرڻ جي تصديق ڪندي چيو ته آئرلينڊ فلسطيني رياست کي تسليم ڪندو.
اسپين جي وزيراعظم پيڊرو سينشز پارليامينٽ مان فلسطيني رياست کي تسليم ڪرڻ واري ٺهراءَ کي ڀليڪار ڪندي چيو ته ڪيترن ئي سبب جي ڪري هو فلسطين کي رياست تسليم ڪري رهيا آهن.
سندس چوڻ هو ته کين ٻه رياستي حل کي عزت ڏيڻي پوندي، ان معاملي تي گڏيل سڪيورٽي به ضروري آهي.
اسپين جي وزيراعظم چيو ته هو 28 مئي تي فلسطين کي رياست تسليم ڪندا.
ناروي جي پرڏيهي وزير به 28 مئي تي باضابطا طور فلسطين کي رياست تسليم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.- Advertisement -
