ناڻي واري وزير اسحاق ڊار جي مقرري جو نوٽيفڪيشن سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ چئلينج

- Advertisement -
سنڌ هائيڪورٽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي نائب وزيراعظم جي مقرري جي نوٽيفڪيشن خلاف درخواست ٻڌڻي جوڳي هئڻ بابت درخواست ڏيندڙ کان دليل ۽ سپريم ڪورٽ جو حڪم نامو طلب ڪري ورتو. سنڌ هائيڪورٽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار جي نائب وزيراعظم جي مقرري جي نوٽيفڪيشن خلاف درخواست جي ٻڌڻي ٿي. درخواست ڏيندڙ جي ايڊووڪيٽ طارق منصور موقف اختيار ڪيو ته آئين ۾ نائب وزيراعظم جو ڪو به عهدو موجود ناهي، آئين جي آرٽيڪل 90، 91 ۽ 99 ۾ ڊپٽي وزيراعظم جي عهدي جي ڪابه گنجائش ناهي. ايڊووڪيٽ طارق منصور چيو ته درخواست موجب وفاقي حڪومت جي رولز آف بزنس 1973ع ۾ اهڙي ڪابه گنجائش ناهي، سپريم ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ طئه ڪري ڇڏيو آهي ته ڪابينا رڳو وزيراعظم ۽ وفاقي وزيرن تي ٻڌل هوندي. عدالت رمارڪس ڏيندي چيو ته پرويز الاهي به نائب وزيراعظم مقرر ٿيو هو، جنهن تي ايڊووڪيٽ موقف اختيار ڪيو ته  ان حوالي سان سپريم ڪورٽ جو آرڊر به موجود آهي. عدالت درخواست ڏيندڙ جي وڪيل کان درخواست ٻڌڻي جوڳي هئڻ بابت دليل ۽ ان حوالي سان سپريم ڪورٽ جو حڪم نامو طلب ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 16 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي………..
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
light rain
19.2 ° C
19.2 °
19.2 °
51%
2.4m/s
57%
اربع
23 °
خميس
23 °
جمعو
23 °
ڇنڇر
24 °
آچر
25 °

تازه ترين خبرون