تازه ترين

نتيجا تبديل نه پيا ڪيا وڃن، آزاد اميدوارن جو ڪامياب ٿيڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اليڪشن شفاف ٿي آهي : گوهر اعجاز خان

- Advertisement -
نگران وفاقي گهرو وزير، گوهر اعجاز خان چيو آهي ته نتيجا تبديل نه پيا ڪيا وڃن، آزاد اميدوارن جو ڪامياب ٿيڻ ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اليڪشن شفاف ٿي آهي. اسلام آباد ۾ نگران گهرو وزير گوهر اعجاز، مرتضيٰ سولنگي سان گڏ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته پولنگ واري ڏينهن موبائيل ڊوائس ذريعي دهشتگرديءَ جو اطلاع مليو،  انٽرنيٽ ۽ موبائيل فون سروس بند رکي مشڪل فيصلو ڪيو، قوم کي سڪيورٽي ادارن تي فخر هئڻ گهرجي. هن چيو ته عوام جي جان جي حفاظت ڪرڻ حڪومت جي ذميواري آهي، دهشگردي واقعن ۾ اليڪشن کان اڳ 28 ڄڻا مارجي ويا، حملن ۾ ٽائم ڊوائيز جو استعمال ڪيو ويو، ٻئي حملا آپگهاتي نه هئا، حملا ڊيٽونيٽر سان ڪيا ويا. سندس چوڻ هو ته عام چونڊون ڪرائڻ هڪ وڏو چئلينج هو، ڪيترن ئي جاين تي دستي بم حملا ٿيا، جن کي پاڪ فوج منهن ڏنو. گوهر اعجاز چيو ته جنهن کي قوم ووٽ ڪيو، اهو ئي سامهون ايندو، ٻڌندا پيا اچن ته ڪي پي ۾ آزاد اميدوارن کي عوام ووٽ ڏيڻ چاهي ٿو ته هنن ڏٺو ته ان پارٽي جي آزاد اميدوار کي ووٽ ملڻ شفافيت آهي، سندن ڪم هو سڪيورٽي ۽ فوج جو ڪم عوام جو تحفظ ڪرڻ هو. هن چيو ته ڪجهه اهڙا فيصلا هوندا آهن جيڪي شيئر ناهن ڪيا ويندا. ان موقعي تي سڌ سماءَ واري نگران وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته سموري دنيا ۾ سڪيورٽي لاءِ موبائل فون سروس بند رکي ويندي آهي، عام چونڊن جا نتيجا سامهون اچي رهيا آهن. ووٽ بينڪ گهٽ ڪرڻ جي سوال تي مرتضيٰ سولنگي چيو ته جيڪڏهن موبائل فون کولي ڇڏين ۽ جانيون ضايع ٿين ها ته ذميوار ڪير هجي ها.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
clear sky
32 ° C
32 °
32 °
31 %
5.4kmh
0 %
اربع
32 °
خميس
33 °
جمعو
32 °
ڇنڇر
35 °
آچر
35 °

تازه ترين خبرون