- Advertisement -
نصيرآباد مان اغوا ڄاڻايل اشرف ڪسر واري واقعي جو ڊراپ سين، نوجوان ٿاڻي تي پهچي پنهنجي اغوا جي ترديد ڪري ڇڏي.
اشرف ڪسر نصيرآباد ٿاڻي تي پهچي چيو ته هو اغوا ناهي ٿيو، لاشارين سان پئسن جي ڏيتي ليتي تان معاملو ٿيو آهي.
نصيرآباد پوليس جو چوڻ آهي ته اشرف ڪسر جي ڀاءُ نادر ڪسر اغوا جو ڊرامو ڪري انڊس هاءِ وي بند ڪري افراتفري پيدا ڪئي.
سندس چوڻ تي اشرف ڪسر جي اغوا جي ايف آءِ آر داخل ڪئي، شڪ پيو ته ھي ڊرامو آهي، جڏھن نادر ڪسر کي تحويل ۾ وٺي پڇا ڳاڇا ڪئي ته اصل حقيقتون سامهون اچي ويو.
پوليس موجب، ڀاءُ ۽ ٻين جي گرفتاري جي اطلاع تي اشرف ڪسر ظاھر ٿي نصيرآباد ٿاڻي تي پھتو، جنھن پنهنجي اغوا جي ترديد ڪئي.- Advertisement -
