- Advertisement -
نوابشاهه جي عدالت چوٽياريون سانحي ڪيس جي ٻڌڻي 27 فيبروري تائين ملتوي ڪندي ڪيس ۾ نامزد سيف الله جوڻيجو ۽ اڳوڻي ايس ايڇ او جي ڪچي ضمانت منظور ڪندي پڪي ضمانت لاءِ 24 فيبروري جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي.
دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي جج عبدالغفور ڪلهوڙو جي عدالت ۾ چوٽياريون سانحي ڪيس جي ٻڌڻي ٿي.
پوليس گرفتار جوابدارن محمد شريف، اوڀايو راڄڙ، صدام حسين، احمد راڄڙ، خان راڄڙ، صادق جتوئي، گاجي راڄڙ، اميد علي ۽ محمد علي جتوئي کي عدالت ۾ پيش ڪيو.
جاچ آفيسر عدالت ۾ رپورٽ پيش ڪندي موقف اختيار ڪيو ته جوابدار محمد علي جتوئي کان واقعي ۾ استعمال ٿيل ڪلاشنڪوف، اميد علي کان رپيٽر، اوڀايو راڄڙ ۽ صدام راڄڙ کان پسٽل هٿ ڪيا ويا آهن.
عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 27 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي.
ان کان اڳ چوٽياريون ڪيس ۾ نامزد جوابدار سيف الله جوڻيجو ۽ اڳوڻي ايس ايڇ او غلام محمد سھتو جي دھشتگردي ٽوڙ عدالت جي ڪچي ضمانت منظور ڪري ورتي.
عدالت ضمانت پڪي ڪرڻ لاءِ 24فيبروي جي تاريخ مقرر ڪري ڇڏي.
ٻڌڻي دوران وڪيل الطاف جوڻيجو جوابدار سيف الله جوڻيجو پاران ۽ وڪيل ممتاز لغاري جوابدار غلام محمد سھتو پاران عدالت ۾ دليل ڏنا.
چوٽياريون سانحي ۾ 3 ڄڻا قتل ۽ 20 زخمي ٿي پيا هئا.- Advertisement -
