تازه ترين

نوابشاهه زرداري برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا قتل

- Advertisement -
نوابشاهه ويجهو ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران قتل ٿيل ٻن عورتن سميت ٽن ڄڻن جي قاتلن جي گرفتاريءَ لاءِ وارثن پاران لاش روڊ تي رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. تعلقي ٿاڻي جي حد ڳوٺ باغ خان زرداري ۾ زرداري برادري جي ٻن ڌرين ۾ سڱاوتي تڪرار تان جهيڙو ٿي پيو. فائرنگ جي نتيجي ۾ گوليون لڳڻ سبب شريفه بي بي، سانيه بي بي ۽ دادلو زرداري مارجي ويا. اطلاع ملڻ بعد حد جي پوليس پهچي مارجي ويلن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال پهچايا جتان ضروري ڪارروائي بعد مڙهه وارثن حوالي ڪيا ويا. وارثن پاران ٻن عورتن سميت ٽن ڄڻن جي قاتلن جي گرفتاري لاءِ لاش روڊ تي رکي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو. احتجاج ڪندڙن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته سندن سڱاوتي تڪرار هلندڙ هو، هو پنھجن نيڪ مردن ڏي ھلي ويا ته مسئلو حل ڪرايو پر ڪنهن به دانهن نه ٻڌي اڄ ٽي ڄڻا قتل ٿيا آهن. هنن چيو ته ناحق ٽي خون ڪندڙن کي گرفتار ڪري ڪيس داخل ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.
- Advertisement -

لاڳاپيل خبرون

Sindh TV News Live
Live Broadcast — Sindh TV
LIVE
Sindh TV News Live
Sindh TV Live — Stay tuned for updates
Pakistan
few clouds
29.1 ° C
29.1 °
29.1 °
33 %
3.7kmh
23 %
اربع
29 °
خميس
32 °
جمعو
31 °
ڇنڇر
32 °
آچر
34 °

تازه ترين خبرون